الله ڏنو ٻانهاڻي

الله ڏنو ٻانهاڻي

الله ڏنو ٻانهاڻي

الله ڏنو ٻانهاڻي: نامياري سگهڙ، الغوزه نواز ۽ هارمونيم نواز الله ڏني ولد لعل بخش ٻانهاڻيءَ 7 مارچ 1945ع تي ڳوٺ پياري ٻانهاڻي، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. پرائمري پنجن درجن تائين پڙهيو. سندس والد لعل بخش ٻانهاڻي پنهنجي دور جو مشهور الغوزه نواز هو، جنهنڪري الغوزي وڄائڻ جو فن کيس ورثي ۾ مليو. اڳتي هلي هن الغوزي وڄائڻ جي باقاعدي تربيت محمد مٺل منگيءَ کان ورتي. الله ڏني ٻانهاڻيءَ پنهنجي دور جي مشهور سگھڙ غلام قادر ڀٽي جي رهنمائيءَ ۾ لوڪ ادب جي ميدان ۾ به پير پاتو ۽ پنهنجي شوق، محنت ۽ ذهانت سبب ٿوري ئي وقت ۾ فن جي سڀني صنفن ۾ ڪافي ڄاڻ حاصل ڪري ورتائين. الله ڏني ٻانهاڻيءَ، شاعر ڪريم بخش ’گھايل‘ جي صحبت ۾ عروضي شاعري به ڪئي، پر پوءِ به سندس گھڻي دلچسپي لوڪ ادب ۾ رهي.
الله ڏني ٻانهاڻي 1966ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پهريون ڀيرو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جنهن کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا کيس ريڊيو ۽ پاڪستان ٽيليويزن تي فن پيش ڪرڻ جو موقعو مليو. هن پي. ٽي. وي تي ڪيترا لوڪ ادب جا پروگرام به ڪيا آهن. هن وقت سندس شخصيت تي لوڪ ادب کان وڌيڪ موسيقيءَ جو رنگ اثر انداز آهي، هو هارمونيم نواز ۽ ڍولڪ نواز به آهي. معاشي حوالي سان هن وقت نئين ديري شهر ۾ ڍولڪ ۽ طبلن جي خريد و فروخت ۽ مرمت جو دڪان هلائي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.03.07  عيسوي

نامياري سگهڙ، الغوزه نواز ۽ هارمونيم نواز الله ڏني ولد لعل بخش ٻانهاڻيءَ 7 مارچ 1945ع تي ڳوٺ پياري ٻانهاڻي، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



سُگھڙ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پيراڻو فقير تڙت
حافظ علي گل ٻرڙو
پلي صابر
شيخ محمد بخش
پتاشو ڪلوئي
الله ڏنو ٻانهاڻي
فقير ميانداد سيلاني
رحمت الله عباسي
رب ڏنو هنڱورو
برڪت علي خان جلالاڻي
سُگھڙ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون